شاهه بديع الدين جي مقبري جو اندريون ۽ ٻاهريون ڏيک

شاهه بديع الدين جي مقبري جو اندريون ۽ ٻاهريون ڏيک

شاهه بديع الدين جو مقبرو

شاهه بديع الدين جو مقبرو: شاهه بديع الدين جو جهُريل مقبرو يا قُبو بدين شهر کان چار ميل پري، ميرواهه جي کاٻي ڪپ تي، بدين- ڪراچي پڪي رستي تي، تعلقي بدين جي حدن ۾ موجود آهي. مقبرو لڳ ڀڳ سڄو ڊهي چڪو آهي. هن وقت بچيل مقبري جو هڪ حصو سنهين سرن مان ٺهيل آهي، اهي سرون به کُليل درزن سان موجود آهن. مٿانئن ڪو به راڳو يا ڪو به پلستر ٿيل ڪو نه آهي. البت منجهس موجود ونگائون لنگهه سلامت آهي، ان ونگ جي بچيل ڪجهه حصي تي نيري ڪاشيءَ جو شاندار ڪم آهي.
هيٺان کان مٿي اوساريل مقبرو اٺ ڪنڊو ڪري کنيو ويو آهي ۽ ان تي شاندار گچ (Drum) ٺاهي، منجهس هوا لاءِ هڪ دري رکي وئي هئي، جيڪا اڃا سلامت بيٺي آهي. مٿان گول گنبذ رکيو ويو آهي، جيڪو ترخان دور جي گنبذن جهڙو آهي، جنهن جو اڌ حصو ڪري پيو آهي. مقبري جو اندريون اڌ حصو اڃا سلامت آهي. لنگهه ونگ تي ٻڌل آهي. لنگهه جي مٿان نيري ڪاشيءَ جو فوٽ ڏيڍ جو پٽو ڏنل آهي. گنبذ جي اندران به محرابي حصي ۾ 6 کسي دريون بيٺيون آهن. ستين دري کليل آهي. چوڌاري سرن جا ڍير پيا آهن. هن مقبري جي مرمت ناهي ٿي، جو هن مقبري کي سنڀاليندڙ ڪير به نه آهي. مقام ۾ ٻه گهاڙيون سٺي حالت ۾ موجود آهن. شاهه بديع، حضرت بهاؤ الدين ملتانيءَ جو پوئلڳ هو ۽ مرشد جي چوڻ تي هتي اسلام جو پرچار ڪرڻ آيو هو. هن کي مقامي ماڻهو محبت مان ‘بدي’ ڪري سڏين ٿا.
ڪن جو چوڻ آهي ته سهروردي طريقي جي هن بزرگ جي نالي پويان بدين جو نالو پيو آهي. هتي هڪ ٻيو به ڦٽل بنا ڇت ۽ گنبذ جي مقبرو آهي، جنهن ۾ چار پڪيون قبرون آهن. جن بابت ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي پر انهن تي به پڙ پيل آهن. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب حضرت شاهه بديع الدين ڀرواري ڳوٺ ‘قريشن جي ڳوٺ’ جو رهواسي هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو